ادل سولنگي

ادل سولنگي

ادل سولنگي

ادل سولنگي: ناليواري شاعر ادل سولنگي ولد محمد حسين سولنگيءَ جو جنم، 8 مارچ 1966ع تي محرابپور تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول محرابپور، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مخدوم بلاول دادو مان حاصل ڪئي. ادل سولنگي لکڻ جي شروعات 1982ع کان ڪئي. هيءُ ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران نهايت ئي سرگرم رهيو، جنهن دوران دادو ۾ مٿس ڪيس به داخل ڪيا ويا. ادل سولنگي 2001ع ۾ موري شهر ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هنيل ڌرڻي مان گرفتار ٿيو، جنهن دوران مختلف جيلن ۾ عقوبتون برداشت ڪيائين. ادل سولنگي ماهوار ‘پارس’ ڪراچي رسالي جو 1990ع کان 1995ع تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر، هفتيوار ‘سرتاج’ بدين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، ‘روزاني پڪار ’ ڪراچي اخبار جو سب ايڊيٽر، ‘روزاني عوامي آواز’ ڪراچيءَ جو 2007ع کان 2011ع تائين سب ايڊيٽر- سنڌ ٽي وي نيوز جو هڪ سال سب ايڊيٽر، ماهوار ‘لهرون’ ڪراچي رسالي جو 1996ع ۾ اشتهارن جي شعبي جو انچارج، ماهوار ‘رچنا ڪراچيءَ’ جو سرڪيوليشن مئنيجر، سلسليوار ‘سمبارا’ جو 2006ع کان چيف ايڊيٽر، ماهوار ‘سارنگ’ ڪراچيءَ جو 2010ع کان 2012ع تائين ايڊيٽر رهيو. اڄڪلهه عوامي آواز اخبار ۾ به لکي ٿو.ادل سولنگي، ‘مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ’ جو چيئرمئن، شاهه لطيف شهيد لائبرري، محرابپور جو سيڪريٽري ۽ انچارج، سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۽ ڏوڪريءَ ۾ مختلف عهدن کان سواءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مختلف عهدن تي رهيو آهي.
سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’خانه بدوش لفظن جا قافلا‘2015ع ۾ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ طرفان شايع ٿيل آهي. کيس خدمتن عيوض سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري طرفان بهترين شاعر اوارڊ 2002ع، سماجي خدمتن عيوض اسوا ڏوڪري پاران 2007ع ۾ اوارڊ شامل آهن. ادل سولنگي نئين ٽهيءَ جو برجستو شاعر آهي ۽ ڏوڪري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ادل سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.03.08  عيسوي

ناليواري شاعر ادل سولنگي ولد محمد حسين سولنگيءَ جو جنم، 8 مارچ 1966ع تي محرابپور تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيلي
عثمان احساني
زيب عاقلي
پروين شاڪر
حداد حاجي محمد
اسد بيگ اسد مرزا
آزاد محمد رمضان
ڀاون علي شاهه
فقير شير خان جتوئي شائق
ابراهيم خليل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون